وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، ٻه طرفي لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد/رياض(م.ڊ) وزيراعظم ميان نواز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو، وزيراعظم نواز شريف سعودي ولي عهد شزادي سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي، ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب جي 2 ڏينهن واري دوري تي اڄ رياض پهتو وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي ولي عهد شهزادي سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي، هن خادم الحرمين شريفين شاهه عبدالله جي خيريت بابت پڇيو ۽ پاڪستاني عوام طرفان ان جي صحتيابي لاءِ دعا به پهچائي، ان ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار طارق فاطمي، پاڪستان جو سفير منظور الحق، سعودي پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جا وزير ۽ ميمبر به موجود هئا، ان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزير اعظم نواز شريف جو سعودي عرب پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، وزير اعظم نواز شريف سعودي عرب ۾ عمري جي سهادت حاصل ڪندو ۽ حضور صلي الله واله وسلم جن جي روزي مبارڪ تي حاضري به ڀريندو. ذريعن موجب وزير اعظم نواز شريف ٻن ڏينهن جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ ٻي سياسي قيادت سان  پڻ ملاقاتون ڪندو. سعودي مان واپسي بعد نواز شريف 19 جنوري تي هڪ ڏينهن جي دوري تي  ڪراچي پهچي گورنر هائوس ۾ قومي ايڪشن پلان  بابت رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد سميت عسڪري قيادت جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا. وزيراعظم جي ڪراچي دوري سبب 19 جنوري تي رٿيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، جيڪو هاڻ 21 جنوري تي ٿيندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *