وزيراعظم جي سعودي فرمانروا سان ملاقات، ٻه طرفن معاملن تي ڳالهيون

اسلام آٻاد/رياض(م.ڊ) رياض پهچڻ تي وزيراعظم نواز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو وزيراعظم نواز جو سعودي عرب جو هي پهريون سرڪاري دورو آحي جنهن جي دعوت سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڏني هئي رياض اچڻ کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز طرفان استقبال ڪرڻ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ويجهن لاڳاپن جي اهميت جو مظهر آهي نواز شريف پنهنجي دوري ۾ عمري جي ادائيگي ۽ رسول اڪرم صه جي روضي تي حاضري به ڏيندو. وزيراعظم نواز شريف  ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي جا مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، وقت گذرڻ سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم نواز شريف سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض پهتو، جتي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيو اعليٰ سطحي وفد ساڻس گڏ آهن. رياض پهچڻ تي سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم نواز شريف جي آجيان ڪئي. وزيراعظم نواز شريف دوري دوران سعودي بادشاهه سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم دوري دوران عمرو پڻ ادا ڪندو. وزيراعظم سعودي قيادت سان ملاقاتن دوران ٻه طرفن دلچسپيءَ وارن معاملن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندو. سعودي روانگي کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي جا مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، وقت گذرڻ سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز پاڪستاني عوام جي دلين ۾ رهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *