وزيراعظم جي راءِ جو احترام، حڪومت طرفان مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي سبب نيب اڄ آزاد ادارو آهي: نيب

اسلام آباد (بيورو) نيب اختيارين وزيراعظم نواز شريف جي بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نيب کي ڪجھ خرابيون ورثي ۾ مليون آهن، وزيراعظم جِي تجويز تي احتساب جي عمل کي بهتر بڻايو ويندو. نيب جي ترجمان پاران جاري ڪيل پنهنجي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نيب وزيراعظم نواز شريف جي راءِ جو احترام ڪري ٿي.نيب جي ترجمان چيو ته حڪومت طرفان مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي سبب نيب اڄ آزاد ادارو آهي، نيب ۾ ڪجهه خرابيون آهن جيڪي کين ورثي ۾ مليون آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. نيب جي ترجمان وڌيڪ چيو ته هو مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، وزيراعظم نواز شريف جي تجويز جي روشني ۾ احتسابي عمل کي بهتر بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *