وزيراعظم جي دعوت جو معاملو، اپوزيشن گڏجي معاملا طئي ڪندي: شهبازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته وزيراعطم جي ڳالهين جي دعوت جي معاملي تي اپوزيشن گڏجي معاملا طئي ڪندي خميس تي صحافي شهبازشريف کان سوال ڪيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اوهان ڇا ان پٽ ڏيندا جنهن تي شهبازشريف چيو ته بريفنگ کان پوءِ ڏسنداسين صحافين سوال ڪيو ته بلاول ڀٽو اوهان تي بجيٽ اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي تنقيد ڪئي هئي شهبازشريف جواب ڏنو ته مان لاهور ۾ هيس مون کي ڄاڻ نه آهي صحافي سوال ڪيو ته وزيراعظم چيو آهي ته معاملا ويهي حل ڪرڻا پوندا. شهبازشريف جواب ڏنو ته اپوزيشن گڏجي معاملا طئي ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *