وزيراعظم جي خطاب ۾ خلل منهنجي ناڪامي آهي، مخالف ڌر بجيٽ تي سياست ڪري آئين جو رستو پئي روڪي: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي خطاب ۾ خلل منهنجي ناڪامي آهي ۽ اسان ته ان رات وزيراعظم جو خطاب نه هلائڻ پئي چاهيو. اسلام آباد ۾ جاويد لطيف جي صدارت هيٺ اطلاعات ۽ نشريات بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فردوس عاشق اعواڻ به شرڪت ڪئي. ڪميٽي چيئرمين جاويد لطيف چيو ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم جي خطاب کي ڇا پيمرا سينسر ڪيو يا ٽيڪنيڪل مسئلو هو، وزيراعظم اصحابن جي باري ۾ جيڪو چيو، پيمرا کي اهو سينسر ڪرڻ گهرجي ها، عمران خان کي اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها جنهن سان ماڻهن کي تڪليف پهچي. سيد امين الحق چيو ته وزيراعظم خطاب ۾ جيڪا ديني ڳالهه ڪئي ان کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان کي مذهبي انتهاپسندي کان انڪار ڪرڻو پوندو، وزيراعظم جي تقرير ۾ خلل برداشت جوڳو ناهي، خلل جي ذميوارن کي منهن ڏنو وڃي. فردوس عاشق اعواڻ جواب ڏنو ته شروع ۾ وزيراعظم جو ارادو رڳو پبلڪ سروس ميسيج رڪارڊ ڪرائڻ جو هو، جڏهن رڪارڊنگ شروع ٿي ته وزيراعظم چيو ڪجهه ٻيا به مسئلا آهن، جن تي ڳالهائيندس، اسان سوچيو ته وزيراعظم وڌ کان وڌ ست منٽ ڳالهائيندو ۽ ايڊيٽنگ کان ٽن منٽن جو پيغام ٿي ويندو پر وزيراعظم 38 منٽ رڪارڊنگ ڪرائي، جيڪا ايڇ ڊي تي هئي، وزيراعظم جي خطاب ۾ خلل ٽيڪنالاجي جو مس ميچ (فرق) هو، پي ٽي وي ايڇ ڊي تي ناهي تنهن ڪري اهو خلل آيو، وزيراعظم جي خطاب ۾ خلل منهنجي ناڪامي هئي، مون کي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي ها ته رڪارڊنگ پي ٽي وي کان ڪرائي وڃي. هن چيو ته اسان وزيراعظم جي تقرير ان ڳالهه نه پئي هلائڻ چاهي، اسان ميڊيا تي نه ڏنو هو ته وزيراعظم جو خطاب سوا نائين وڳي هلندو پر جڏهن ٽي وي تي هليو ته وزيراعظم سوا نائين وڳي خطاب ڪندو ته وزيراعظم چيو خطاب اڄ ئي نشر ڪيو وڃي، نه ته اسان رات جي اونداهي ۾ وزيراعظم جو خطاب نه هلايون ها. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جيڪا ديني ڳالهه ڪئي ان ۾ هو لفظن جي صحيح چونڊ نه ڪري سگهيو، اها ڳالهه قرآن ۽ حديث کان ٻاهر نه هئي، لفظن جي چونڊ ۾ غلطي ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان گهڻيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. ڪميٽي چيئرمين چيو اسان کي وزيراعظم جي نيت تي شڪ ناهي، دين جي حوالي سان جيڪڏهن ڄاڻ گهٽ هجي ته ان تي ڳالهائجي ئي نه. جاويد لطيف چيو ٻڌايو وڃي ته ڪيبل آپريٽرز وٽ ڪهڙا حق آهن جو چئنلن جا نمبر اڳتي پوئتي ڪن، ڪنهن قانون تحت نمبر اڳتي پوئتي ڪيا ويندا آهن، ايندڙ گڏجاڻي ۾ سمورين صحافتي تنظيمن جي نمائندن کي گهرائي رهيا آهيون، ميڊيا ڪنٽرول ڪرڻ جو به ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڪٿي ڪير ميڊيا بحران جو فائدو ته ناهي کڻي رهيو، ميڊيا ورڪرن کي تحفظ ملڻ گهرجي، حڪومت ايندڙ ميٽنگ ۾ رپورٽ پيش ڪري، فواد چوڌري جيڪو سميع ابراهيم سان ڪيو، ڪميٽي ان جي مذمت ڪري ٿي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم سميع ابراهيم کي فون ڪئي ۽ مذمت به ڪئي، وزيراعظم فواد چوڌري کي گهرايو آهي، توهان کي خبر آهي ته جڏهن ليڊر گهرائيندو آهي ته ڇا ٿيندو آهي.

بئي طرف   سڌ سماءَ واري خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر بجيٽ تي سياست ڪري آئين جو رستو روڪي رهي آهي. ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بجيٽ پاڪستان ۽ عوام لاءِ آهي، بجيٽ جي منظوري آئيني گهرج ۽ ملڪي ضرورت آهي، اپوزيشن ان تي سياست ڪري آئين جو رستو روڪي رهي آهي. هن چيو ته ملڪي گورننس ۽ ادارن جي ورڪنگ بجيٽ جي منظوري سان جڙيل آهي، پارليامينٽ جو هلڻ ۽ اپوزيشن جي پگهارن سان به بجيٽ جي منظوري ايندي آهي، ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ بجيٽ جو رستو روڪي ڇا عوام کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *