وزيراعظم جي خاطري باوجود آءِ جي وارو معاملو ٽنگيل آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان پنهنجي تازي ڪراچي واري دوري ۾ کيس چيو هو ته وفاقي حڪومت ٽن اسپتالن اين آئي سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آئي سي ايڇ نٿي هلائي سگهي تنهن ڪري انهن اسپتالن کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيا وڃن ته جيئن اهي هلائين. هن چيو ته وزيراعظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو هو ته سندس خبر آهي ته هڪ اسپتال کي هلائڻ ۾ ڪيترين ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان ڪري صوبائي حڪومت انهن ٽنهي اسپتالن کي هلائي. هن اها ڳالهه رورل هيلٿ سينٽر بلديا ۾ اڄ صبح ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندي ست ڏهاڙا پوليو مهم جي خاتمي واري مهم جو افتتاح کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي ڪراچي واري دوري ۾ ٽن اسپتالن جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آئي سي ايڇ) جي انتظامي ڪنٽرول جو معاملو غور هيٺ آيو هو. وزيراعظم چيو هو ته هو ان ڳالهه کان ڀلي ريت واقف آهي ته هڪ اسپتال کي هلائڻ ۾ ڪهڙي ريت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي تنهن ڪري هن کين (وڏي وزير) کي ٽئي اسپتالون سنڀالڻ لاءِ  چيو. مراد علي شاهه چيو ته هن وفاقي حڪومت کي ٻه آپشن ڏنا هئا. آپشن نمبر هڪ تحت وفاقي حڪومت اهي ٽئي اسپتالون سنڌ حڪومت کي پي پي پي موڊ تحت ڏئي سگهي ٿي. آپشن نمبر ٻه تحت انهن اسپتالن جي انتظامي ڪنٽرول کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت انهن اسپتالن کي هلائڻ ۾ سنجيده آهي ته کيس ڪوبه اعتراض نه هوندو پر پوءِ کيس (وفاقي حڪومت) کي سندس حڪومت پاران ۲۰۱۱ کان انهن اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن جي مد ۾ لڳايل پئسو واپس ڪرڻو پوندو جهڙوڪه وفاقي حڪومت چيو هو. پوليو ڪيسن ۾ واڌ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هڪ مسئلو ڪي پي ڪي ۾ پوليو ويڪسين خلاف پيدا ٿيو هو جنهن ڪري مهم بند ٿي وئي ۽ اسان ان کي گذريل مارچ ۾ شروع نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته ۲۰۱۹ ۾ تازو ۱۹ ڪيسن جو اضافو ٿيو آهي اهي انهيءَ سينٽلمينٽ جو نتيجو آهي نه ته اسان پوليو تي ضابطو آڻي ڇڏيو هو ۽ ۲۰۱۷ ۾ هتي فقط هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو. هن يو ته هلندڙ سال ۲۰۲۰ ۾ اڃان تائين پوليو جي ۵ ڪيس جي نشاندهي ٿي آهي. هن چيو ته اها منهنجي لاءِ  هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ڇوته آئون پوليو تي ضابطي آڻڻ لاءِ  سرگرم آهيان پر هيل تائين منفي نتيجا آڏو آيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته نومبر ۾ نيشنل پوليو جي خاتمي واري ٽاسڪ فورس جو وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ان کي نه سڏايو ويو. هن چيو ته هاڻي حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آهي ۽ لوڪل باڊيز، سول سوسائٽي ۽ ٻارن جا ماءُ پي پڻ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ان موذي مرض کان محفوظ ڪري سگهون. هن چيو ته اهو اسان جي ٻارن/والدين جو سوال آهي ته اهي پنهنجن ٻارن کي صحتمند مستقبل ڏيڻ چاهين ٿا يا سڄي زندگي جي معذوري. هن پاڪستان خاص طور سنڌ جي سڀني والدين تي زور ڀريو ته اهي پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي حوالي سان ذميداري جو مظاهرو ڪن ۽ انهن جي صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائين. مراد علي شاهه چيو ته هيءَ ست ڏهاڙا مهم ۾ ۲.۳ ملين ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. هن اڄ رورل هيلٿ سينٽر ۾ ان مهم جو افتتاح ڪيو. هڪ ٻي مهم ۱۷ فيبروري کان صوبي جي ٻين ضلعن ۾ شروع ڪئي ويندي جنهن ۾ ۶.۷ ملين ٻارن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هن والدين تي زور ڀريو ته جيڪڏهن سندن ٻار رهجي وڃن ٿا ته انهن کي اسپتالن ۾ پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين. هن پوليو مهم ۾ شرڪت ڪندڙ ۱۳ هزار ورڪرن جو ٿورو مڃيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو پڻ ٿورا مڃيا جنهن سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو اسان جي ٻارن جي بهتري لاءِ  ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته لوڪل باڊيز رولو ڪتن خلاف پڻ مهم شروع ڪئي آهي. هن چيو ته مون کين هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي هڪ خاص مهم شروع ڪن ۽ ماڻهن خاص طور ٻارن کي ڪتي جي ڪٽڻ کان بچائين. بلديه جي رهواسين جي ڌيان ڇڪرائڻ تي وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ۱۰۰ بسترن تي ٻڌل اسپتال کي جلد کان جلد مڪمل ڪري. سيڪريٽري صحت وڏي وزير کي ٻڌايو ته آر ايڇ سي بلديه ۾ تقريبا سمورن سهولتن سميت گائناڪولوجسٽ فراهم ڪيون ويون آهن. هن بلديا اسپتال جي ڪم جي ذاتي طور تي نگراني جي هدايت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ان جي گورنر سان ملاقات معمول موجب هئي ۽ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪابه نئين ڳالهه نه ٿي. آئي جي پوليس بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هن وفاقي حڪومت کي نئون آئي جي پوليس مقرر ڪرڻ لاءِ  پنج نالا اماڻيا آهن. آئي جي پوليس کي هٽائڻ جو فيصلو ڪابينا ڪيو آهي ۽ وڏو وزير هئڻ جي ناتي هو ڪابينا جي فيصلي کي مڃڻ جو پابند آهي. هن چيو ته هن وقت بال وفاقي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ نئون آئي جي پوليس جي تعيناتي ۾ دير کيس سمجهه کان مٿانهون آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *