وزيراعظم جو فيصل آباد ۾ احتجاج دوران پُرتشدد واقعن جو نوٽيس، شرپسندن خلاف بنا فرق ڪاروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جو فيصل آباد ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پُرتشدد واقعن جو نوٽيس، شرپسندن خلاف بنا ڪنهن فرق ڪاروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم نواز شريف جي ترجمان مصدق ملڪ موجب وزيراعظم نواز شريف شرپسندن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪندي فيصل آباد ۾ پرتشدد صورتحال تي ضابطي آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ چيو ته تحريڪ انصاف زبردستي دڪان بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تشدد ڪنهن به صورت حڪومتي پاليسي نه آهي، ڪنهن پارٽي کي شٽرڊائون هڙتال جي اجازت نه آهي، زبردستي دڪان بند ڪرائڻ ۽ ٽريفڪ روڪرائڻ غير قانوني آهي، ڌرڻن ۽ جلسن جي سيڪيورٽي تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *