وزيراعظم جو احتساب سڀ کان پهريان ٿيڻ گھرجي: اعتزاز احسن/ خورشيد شاهه

اسلام آباد (م.ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پاناما ليڪس مامري ۾ حڪومت چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ کيس خط لکي. اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن سيد خورشيد شاهه ۽ سينيٽر اعتزاز احسن مخالف ڌر پارٽين جي سربراهن سان ملاقاتن دوران سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڪميشن جي ٺهڻ کان پوءِ هو ٽي او آررز پڻ ٺاهيندا. ان موقعي تي سينيٽر اعتزاز احسن جو چون هو ته حڪومت ڌر جا ميمبر پاناما ليڪس مامري تي کين جواب ڏيڻ بدران مٿن حملا پيا ڪن. اعزاز احسن چيو ته وزيراعظم جو احتساب سڀ کان پهريان ٿيڻ گھرجي، جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجا سمورا اثاثا ظاهر ڪري ته پوءِ جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خاندان ۽ اتفاق گروپ جا وسيلا، آمدني ۽ ٽئڪس جا تفيصيل قوم اڳيان ظاهر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *