وزيراعظم جو آِءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو، علائقائي ۽ ملڪي صورتحال تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي آڏو چئلينجز جي خلاف آءِ ايس آءِ جي پيشاورانه صلاحيتن جي ساراهه ڪئي آهي آچر تي وزيراعظم عمران خان شاهه محمود قريسي اسد عمر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ساهر شمشاد مرزا سان گڏ هيڊڪوارٽر آءِ ايس آءِ جو دورو ڪيو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڊائريٽوريٽ جنرل آءِ ايس آءِ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪئي اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي علائقائي ۽ ملڪي صورتحال تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو وزيراعطم قومي سلامتي جي چئلينجز جي خلاف آءِ ايس آءِ جي پيشاوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *