وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪامياب رهيون: پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري

نيويارڪ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪامياب رهيون. ڇنڇر ڏينهن نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف سان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل، سريلنڪن صدر ميٿري پالا سريسينا، سوئيڊش وزيراعظم اسٽيفن لوفو ين ۽ مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جرمن چانسلر سان ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان کيس آگاهه ڪيو. سريلنڪا جي صدر سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف سريلنڪا جي صدر سان علائقائي صورتحال ۽ خاص ڪري ڀارت ۽ افغانستان جي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سوئيڊش وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن تجديد جوڳي توانائي، واپار، صحت، تعليم ۽ سوئيڊن ۾ پاڪستانين جي ڪردار سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم بل گيٽس سان ملاقات ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي قدمن بابت کيس آگاهه ڪيو. بل اينڊ ويلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي معاونت سان صحت واري شعبي ۾ شروع ڪيل منصوبن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بل گيٽس پاڪستان حڪومت جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪردار کي واکاڻيو. پرڏيهي سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ڏکڻ تعاون گول ميز ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي صدارت هيٺ ٿي. ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي خطي لاءِ اهم قرار ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *