وزيراعظم جلال پور ويجهو موٽر وي ايم ٿري تي انٽر چينج بيران والا جو افتتاح اڄ ڪندو، تياريون مڪمل

جلال پور (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف اڄ جمعي تي جلال پور ڀٽيان ويندو، وزيراعظم جلال پور ويجهو موٽر وي ايم ٿري تي انٽر چينج بيران والا جو افتتاح ڪندو، وزيراعظم 3 وڳي اتي پهچندو، ان سان گڏ سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سميت وفاقي وزير خواجه آصف، خواجه سعد رفيق، سائرا تارڙ افضل، رانا ثناءُ الله سميت ٻيا صوبائي وزير به گڏ هوندا، افتتاح کانپوءِ وزيراعظم پاناما ليڪس ۽ خبر ليڪس جي حوالي سان صحافين سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندو، قومي اسيمبلي جو ميمبر شاهد حسين ڀٽي، يوسي چيئرمين قادر بخش ڀٽي جي قيادت ۾ جلال پور ڀٽيان رستو پور تارڙ پنڊي ڀٽيان ۽ ٻين ضلعن مان هڪ وڏو قافلو صبح 11 وڳي جلال پور ڀٽيان کان روانو ٿيندو جيڪو بيران والا انٽر چينج تي پنهنجي اڳواڻن جي آجيان ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *