وزيراعظم جا بيان حڪومت جي ناڪامي جا اعتراف آهن، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ معاشي نظام لاءِ خطري جي گهنٽي آهي : سنڌحڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون ۽ ماحوليات بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته معاشي ترقي جي باري ۾ وزيراعظم جا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن. هن اڄ وزيراعظم جي معاشي سمت کي درست سمت قرار ڏيڻ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ کي سر پلس قرار ڏيڻ بلڪل غلط بيان آهي جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ معاشي نظام لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. هن چيو ته سمورو ملڪ مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي پر حڪومت جي ترجيحن ۾ معاشي ترقي ان فهرست ۾ شامل ناهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي ڪابينا جي هر رڪن جي زبان تي سياسي انتقام جو قلمو آهي انهن جو ملڪ جي عوام ۽ معيشيت سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ويزن انهن جي قيادت جي بيانن مان ظاهر ٿيندو آهي ته انهن جي حڪومت ٽويٽر تي هلي رهي آهي ۽ ان  جا وزير معاشي انڊيڪيٽر کان ناواقف ٿي ڪري بيان داغي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته روز مره جون شيون عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن پر اسان جا حڪمران ڪهڙي يوٽوپيا ۾ رهي رهيا آهن ۽ سڀ سٺو آهي جو راڳ لاڀي رهيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *