وزيراعظم ناهلي ڪيس: سپريم ڪورٽ سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون وزيراعظم توڙي گهرو وزير جي بيان ۽ آءِ ايس پي آر جي ٽوئٽ ۾ ڪو به تضاد ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) ســُپريم ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف جي نااهليءَ بابت سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وزيراعظم توڙي گهرو وزير جي بيان ۽ آءِ ايس پي آر جي ٽوئٽ ۾ ڪو به تضاد ناهي. چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، 6 سوال اٿاريا جن ۾ پنجون سوال اهم آهي جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته ڇا آرٽيڪل 66 ڪــَي تحت پارليامينٽ ۾ ميمبرن کي مڪمل ڇوٽ حاصل آهي؟ عدالتي بينچ، درخواست گــُذار گوهر نواز سنڌو کان پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم جي تقرير جو ڪهڙو حصو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، جنهن تي گوهر نواز سنڌو چيو ته وزيراعظم ايوان ۾ پنهنجي تقرير دوران چيو ته هن فوج کي سهولتڪار ناهي بڻايو جڏهن ته آءِ ايس پي آر وزيراعظم بيان جي ترديد ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم ايوان ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار بابت ڳالهه ڪئي هئي پوءِ وچ ۾ اهو ڪيڏانهن اچي ويو. جسٽس ثاقب نثار چيو ته اهم عمارتن جي حفاظت فوج جي حوالي هئي اهڙي ريت آئين تحت فوج ملوث هئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خواهش تي وزيراعظم کي نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. دليل ٻــُڌڻ بعد سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي نااهلي بابت سموريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وزيراعظم نواز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان ۽ آءِ ايس پي آر جي ٽوئيٽ ۾ ڪو به تضاد ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *