وزيراعظم بعد وزير به ڌمڪيون پيا ڏين، وقت ٻڌائيندو ته وزيراعظم نيب خلاف بيان ڇو ڏنو: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب کي ڪرپشن خلاف ڪاررواين تي ڌمڪيون ڏيڻ خطرناڪ عمل آهي، وزيراعظم ۽ ان جي وزيرن کي بيان بازي ڪرڻ بدران پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خلاف نيب جون ڪارروايون روڪڻ لاءِ پهريان کان ئي قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ وزيراعظم نواز شريف نيب خلاف بيان ڇو ڏنو، ان بابت وقت اچڻ تي ئي خبر پئجي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته پنجاب جي هڪ وزير پاران نيب خلاف بيان ڏيڻ افسوسناڪ عمل آهي، نيب کي ڪرپشن خلاف ڪاررواين تي ڌمڪائڻ خطرناڪ عمل آهي. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کانپوءِ هاڻي وزير به نيب خلاف ڳالهائين پيا، وزيراعظم ۽ وزيرن کي ٻاهر بيان ڏيڻ بدران پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ گهرجي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *