وزيراعظم او آءِ سي اجلاس ۾ تاريخي خطاب ۽ مسلمانن جي جذبن جي درست عڪاسي ڪئي : فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان فلسطين ۽ ڪشميرين جو وڪيل بڻجي اڀريو آهي هڪ بيان ۾ حن چيو ته وزيراعظم عمران خان، او آءِ سي اجلاس کي تاريخي خطاب ڪيو هن مسلم امت جي احساسن، جذبن جي صحيح معنيٰ ۾ ترجماني ڪئي ۽ اسلام جو اصل عزت بحال ڪرڻ لاءِ نئين راهه ڏيکاري هن چيو ته وزيراعظم والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جو داناءُ وڪيل بڻجي اڀريو آهي هن چٽو موقف اختيار ڪيو ته ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد کي دهشتگردي جو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي ٻه رياستي حل کانسواءِ فلسطين جي مسئلي جو ڪو به حل ناهي هن چيو ته عمران خان جو سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور اسلامي دنيا کي هن شعبي ۾ ان جي ميراث جي ياد ڏياري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *