وزيراعظم آمريڪي شهري تي حملي جو نوٽس وٺي ڇڏيو، رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي ايسوسيئيٽ پروفيسر، آمريڪي  شهري مسز ڊيبرا لوبو تي قاتلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي.وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف واقعي جي رورٽ گهري ڏوهارين کي ترت گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم مسز لوبو جي جلد تندرست ٿيڻ جي دعا ڪندي  بهترين طبعي سهولتون ڏيڻ جون به هدايتون جاري ڪيون. ياد رهي ته جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي هڪ آمريڪي ايسوسئيٽ پروفيسر ڊيبرا لوبو گذريل ڏينهن شهيد ملت روڊ تي اڻ ڄاڻ هٿايرن بندن هٿان  ڪيل فائرنگ ۾ زخمي ٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *