وزيراستان ۾ دهشتگردن جو خاتمو ٿي چڪو لڏپلاڻ ڪندڙ امن سان رهي سگهندا: نوازشريف

ميرعلي (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته وزيرستان مان دهشتگردن جو خاتمو ٿي چڪو آهي لڏپلاڻ ڪندڙ سڪون ۽ امن سان رهي سگهندا حڪومت فوج سان گڏجي متاثرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي گهرن جي تعمير لاءِ ڀرپور وسيلا فراهم ڪنداسين پاڪ فوج جي قربانين سان امن قائم ٿي رهيو آهي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڪوشش آهي پورو پاڪستان امن جو گهوارو بڻجي قبائلي علائقن ۾ اسڪول ڪاليج اسپتالون ٺهنديون مير علي ۽ اتر وزيرستان جي رهواسين جي پنهنجن علائقن جي واپسي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهي ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف گورنر خيبرپختونخواهه سردار مهتاب خان عباسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ ۽ فوجي ۽ سول عملدار به موجود هئا وزيراعظم پنهنجن گهرن تي واپس ويندڙ متاثرن ۾ تحفا تقسيم ڪيا متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ماشاءالله اڄ اوهان جي گهرن ڏانهن واپسي آهي هي منهنجي لاءِ گورنر خيبرپختونخواهه آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت سڀني لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي نگراني ۾ اوهان جي سارسنڀال ٿيندي رهي آهي پاڪ فوج سڀني ماڻهن جي سارسنبال لاءِ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي يقينن پاڪستاني فوج شاباس جي مستحڪم آهي هن چيو ته پاڪ فوج اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ جارحيت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي دهشتگردي کي ختم ڪيو ويو حالتون سازگار ٿيون آهن امن قائم ٿي چڪو آهي ۽ الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان سڪون ۽ امن سان رهي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *