ورن سان ڪم دوران تمام گهڻو مزو آيو جيڪو هميشه ياد رهندو: ڪرتي سينن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرتي سينن چيو آهي ته شاهه رخ ۽ ڪاجل سان گڏ ”دل والي“ ۾ جيڪڏهن مان سٺي اداڪاري ڪئي آهي ته ان ۾ ساٿي اداڪار ورن ڌون جي مدد شامل آهي، ڪرتي سنن پنهنجي سٺي ڪم جو سڄو ڪريڊٽ ورن کي ڏيندي چيو ته ورن ڌون ۾ اداڪاري جي ڀرپور توانائي موجود آهي، جيڪڏهن اهڙو ساٿي اداڪار گڏ هجي ته نئين اداڪار لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو، ڪرتي موجب ورن ڌون هڪ سنجيده اداڪار آهي، جيڪو پنهنجي جونيئرن کي سيکارڻ فرض سمجهي ٿو، ورن نه رڳو اداڪاري پر فلم ٺهڻ واري سموري عمل کي اک ۾ رکي ان مان پرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، سندس بهترين ذهنيت سبب هن سان گڏ ڪم ڪندي تمام گھڻو مزو پڻ ماڻيو، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي، ڪرتي سينن موجب کيس شاهه رخ ۽ ڪاجول سان گڏ فلم جا سين فلم بند ڪرائڻ جو بي صبري سان انتظار پڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *