ورلڊ ڪپ ۾ گهربل رانديگر مليا، هاڻ کُلي فيصلا ڪري رهيو آهيان: بابر اعظم

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته مان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ جيڪي رانديگر گهريا اهي مليا ۽ هاڻ کُلي فيصلا ڪري رهيو آهيان.دبئي ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته آسٽريليا سان مقابلو اهم آهي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين ۽ سيمي فائنل ۾ به مستقل مزاجي کي برقرار رکنداسين.هن چيو ته هر ميچ ۾ ڪجهه ڪمزوريون نظر آيون، ڪڏهن بيٽنگ، ڪڏهن بالنگ ته ڪڏهن فيلڊنگ ۾ خاميون ٿيون پر سٺي ڳالهه آهي ته اسان خاميون ختم ڪري رهيا آهيون.سندس چوڻ هو ته مان ورلڊ ڪپ ۾ جيڪي رانديگر گهريا هئا اهي مليا، جنهن سبب کُلي فيصلا ڪيا، 8 کان 10 رانديگر اهي ئي آهن، جيڪي چيمپيئنز ٽرافي جو حصو هئا.بابر اعظم چيو ته هر مقابلي ۾ نئون رانديگر مين آف دي ميچ هوندو آهي ۽ ڪپتان طور اها مون لاءِ سٺي ڳالهه آهي، ڪپتاني جي ذميواري ملڻ کانپوءِ سڀني اعتماد ڏنو، جنهن جي ڪري فيصلا ڪرڻ ۾ سولائي ٿي، ڪپتاني سکي رهيو آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *