ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ ضرور ٿيندي، آءِ سي سي جو بيان جاري

دبئي(اسپورٽس نيوز): انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ وڏو بيان جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته عالمي ڪپ 2019ع ۾ پاڪ ڀارت ٽيمن وچ ۾ ميچ ضرور ٿيندي.ياد رهي ته پلواما حملي کانپوءِ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي خط لکي پاڪستان سان ميچ نه کيڏڻ ۽ ٻين ملڪن جي ذريعي به پاڪستان جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊيو رچرڊسن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ عالمي ڪپ دوران ٿيندڙ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلي تي ڪوبه خطرو ناهي.ڊيو رچرڊسن چيو ته ٻئي ٽميون آءِ سي سي سان کيڏڻ لاءِ پابند آهن ۽ ان پاڪستان ڀارت وچ ۾ 16 جون تي مانچسٽر ۾ ٿيندڙ مقابلو طئه ٿيل وقت تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *