ورلڊ ڪپ ۾ ناڪام سفر کانپوءِ وومين ڪرڪيٽ ٽيم وطن واپس پهچي وئي

لاهور(اسپورٽس نيوز)  وومين ورلڊ ڪپ ۲۰۱۷ع ۾ ست ئي ميچون هارائڻ کانپوءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جون رانديگرياڻيون اداس چهرن سان نجي اڏام وسيلي وطن واپس پهچي ويون، وطن واپس ايندڙ رانديگرياڻين ۾ بسما معارف، ڊينا بيگ، مارينا اقبال، ناهيدا بيبي، اسماويا سميت ٻيون رانديگرياڻيون ۽ آفيشلز به لاهور ايئرپورٽ پهتا جڏهن ته ڪپتان ثناءَ مير نجي مصروفيتن سبب واپس نه اچي سگهي، لاهور ايئرپورٽ تي رانديگرياڻين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته رانديگرياڻين جي استقبال لاءِ ماڻهو به موجود نه هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *