ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهڻ تي وهاب رياض ۽ ڪامران اڪمل پاران شڪايت

لاهور(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيندڙ بيٽسمين ڪامران اڪمل جو چوڻ آهي ته سليڪٽرز ۽ ڪوچز کان جواب گهرو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڇو نه ڪيو ويو./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

گذريل ڏينهن هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته فواد عالم، وهاب رياض، ۽ محمد عرفان لڳاتار ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي پر سليڪٽرز کي نظر نه پيو اچي، سليڪٽرز کي گهرجي ته ڪنهن رانديگر کي هڪ دم سان ٻاهر نه ڪريو.هن چيو ته پي سي بي سليڪٽرز ۽ ڪوچز کان جواب گهرڻ گهرجي ته رانديگر ٻاهر ڇو آهن، مون کي ايئن لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ نه پرڏيهه ۾ پرفارم ڪريان ٿو.عمر اڪمل جي پرفارمنس تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته عمر اڪمل ۽ عدنان اڪمل سان تمام گهڻي ناانصافي ٿي آهي، سندن ڪرڪيٽ اڃان ختم ناهي ٿي.پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي بابت ڪامران اڪمل جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم ٽاپ ٿري ۾ پهچڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ٻئي طرف فاسٽ بالر وهاب رياض شڪايت پي سي بي سان شڪايت ڪئي ته هر رانديگر پورو سال محنت ڪري ٿو ۽ پوءِ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ تي ڏک ٿيندو آهي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ مون کي سليڪٽ نه ڪرڻ جو سوال سليڪشن ڪميٽي کان پڇيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *