ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ بسمه معروف کي قومي وومين ٽيم جي ڪپتان برقرار رکڻ جو اعلان

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) بسمه معروف کي ايندڙ سال آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي تائين قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.بسمه معروف جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي اڳواڻي ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي آءِ سي سي وومين ورلڊ ٽي 20 ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.اقبال امام کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. قومي وومين ٽيم جو هيڊ ڪوچ بنجڻ تي اقبال امام به خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ باصلاحيت ڪرڪيٽر موجود آهن بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. چيف ايگزيڪيوٽو پي سي بي وسيم خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته قومي وومين ٽيم هاڻ وڌيڪ ترقي طرف وڌندي. چيف سليڪٽر وومين ٽيم عروج ممتاز چيو آهي ته بسمعه معروف تجربيڪار ڪرڪيٽر ۽ ڪپتاني جي عهدي جي لاءِ اهل آهي.ٻئي طرف پاڪستان انگلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي خلاف سيريز جي شيڊول جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن تي ٻڌل هوندي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وومين ٽيمن جي وچ ۾ سيريز ملائيشيا ۾ کيڏي ويندي.ون ڊي ميچ 9 ڊسمبر، 12 ڊسمبر ۽ 14 ڊسمبر تي کيڏيا ويندا. ون ڊي ميچ آءِ سي سي وومين چيمپين شپ جو حصو آهن. 3 ٽي 20 ميچ 17. 19 ۽ 20 ڊسمبر تي کيڏيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *