ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽرافي عالمي سفر ڪندي پاڪستان پهچي وئي،پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ مهورت

پشاور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽرافي 2016ع عالمي سفر ڪندي پاڪستان پهچي وئي ، جتي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن، استادن ۽ عملي جي موجودگي ۾ ان جي مهورتي تقريب ٿي، عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي عهديدارن ۽ قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي جي موجودگي ۾ شاگردن اها ٽرافي تقريب ۾ پيش ڪئي، تقريب جي خاص مهمان اظهر علي آرمي بلڪ اسڪول ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي ويل ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان 2009ع ۾ يونس خان جي اڳواڻي ۾ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن ٿيو هو ۽ هن ڀيري شاهد آفريدي جي اڳواڻي ۾ قومي ٽيم ڀارت ۾ ٻيهر چيمپيئن بڻجي ٽرافي پاڪستان آڻيندي.آرمي پبلڪ اسڪول ۾ مهورتي تقريب کانپوءِ ٽرافي لاهور رواني ڪئي وئي، جتي سڀاڻي ڪنيرڊ ڪاليج ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ ان جي نمائش ڪئي ويندي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *