ورلڊ فوڊ پروگرام جو پاڪستان ۾ دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد  (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ورلڊ فوڊ پروگرام تي زور ڀريو آهي ته هو بي گهر ماڻهن جون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ترقياتي سرگرمين ۽ ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اڱاري تي پرڏيهي دفتر مان جاري بيان مطابق ورلڊ فوڊ پروگرام جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي وفد صدر سيموئل بيورو جي قيادت ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي صلاحڪار ۽ پرڏيهي معاملن جي سرتاج عزيز سان پرڏيهي دفتر ۾ ملاقات ڪئي ڊبليو ايف بي جو 6 رڪني وفد پاڪستاني ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي رٿائن تي عملدرامد جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي پرڏيهي صلاحڪار وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان حڪومت جي خوراڪ ۽ ٻيون غذائي ضرورتن جي سلسلي ۾ معاونت تي شڪريو ادا ڪيو. ڊبليو ايف پي جي وفد ملڪ ۾ پنهنجي سرگرمين جي سلسلي ۾ تعاون تي پاڪستان حڪومت سان تشڪر جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *