ورلڊ بينڪ جي وفد جي ترجمان سنڌ حڪومت سان ملاقات، ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صوبائي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان ورلڊ بينڪ جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي سربراهي ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪري هيو هو. ان موقعي تي ميٽروپوليٽن ڪمشنر سيد افضل زيدي به موجود هو. ملاقات جي دوران ڪراچي ۾ جاري ورلڊ بينڪ جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي وٺ ڪئي وئي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. خاص ڪري روڊن جي نيٽورڪ کي ترقي ڏيڻ سان صنعتي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ شهرين کي اچ وڄ ۾ سهولت ملندي. ان حوالي سان ورلڊ بينڪ جي تحت هلندڙ مختلف پروجيڪٽ جي اسٽڊي ۽ عملدرآمد ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي اهم پورٽ سٽي آهي ۽ ان جون ضرورتون ٻين شهرن کان مختلف آهن ڪراچي پنهنجي محل وقوع جي لحاظ سان خطي ۾ خاص اهميت رکي ٿو. ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۾ رولڊ بينڪ ۽ ٻين عالمي ادارن جي دلچسپي کي ڀليڪار ڪيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته گڏيل دلچسپي جي منصوبن سان ڪراچي ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿيندو. ملاقات جي دوران ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ ٻين نمائندن کي ڪراچي ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت آگاھ ڪيو ويو ۽ مختلف تفصيلات پيش ڪين ويون. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتن پاران ورلڊ بينڪ جي منصوبن تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته اهي منصوبا وقت اندر مڪمل ٿين ته جيئن ڪراچي جي شهرين کي ان مان فائدو حاصل ٿي سگھي.    

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *