واڌو ٽيڪس تي قومي اسيمبلي مان اپوزيشن جو ٻيهر واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد جي صدارت هيٺ ٿيو پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين پيٽروليم مصنوعات تي واڌو ٽيسڪن خلاف اڄ به واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن چيو ته صرف اسيمبلي ۾ وضاحت ڪافي ناهي، اضافي ٽيڪس گهٽ ڪيا وڃن اپوزيشن ميمبرن چيو ته هو سمجهن ٿا ته حڪومت ٽيڪس گهٽ ڪندي جڏهن ته ايئن نه ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي اڄ به واڪ آئوٽ ڪيو، مخالف ڌر چيو آهي ته تيل جي اگهن تي ٽيڪس واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ گڏيل مخالف ڌر پئٽروليم شين تي لاڳايل اضافي ٽيڪس خلاف اڄ به احتجاج ڪيو. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي ميمبرن جي ايس ٽي ۾ واڌ خلاف اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو. پ پ ميمبر نفيسه شاهه چيو آهي ته تيل جي اگهن تي اضافي ٽيڪس واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل چيو آهي ته غريب عوام پنهنجا گڙدا وڪڻڻ تي مجبور آهي پر حڪمران عوام تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس مڙهي رهيا آهن. بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ورلڊ ڪپ تي تزڪرو قومي اسيمبلي ۾ به ٿيڻ لڳو، ايوان ۾ قومي ٽيم ۽ ان جي ڪارڪردگي تي بحث ڪيو ويو ايم اين اي شڪيلا لقمان چيو ته رانديگرن ۾ ڊسيپلين ناهي رياض پيرزاده جو چوڻ هو ته 8 رانديگرن کي هوٽل دير سان پهچڻ تي ڏنڊ وڌو ويو ثريا اصغر بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته رانديگر مسلسل انجري جو شڪار ٿي رهيا آهن اجلاس جاري هو ته جماعت اسلامي جي شير اڪبر ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي ڊپٽي اسپيڪر ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *