واندي نه ٿي ويهي سگهان، چيلينجنگ ڪردار ڪندي رهي آهيان:هما قريشي

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي چيو آهي ته مان مصروف آهيان ۽ مون کي سٺا پروجيڪٽ ملي رهيا آهن، مان هن وقت ٽن پراجيڪٽن تي ڪم ڪري رهي آهيان. مون کي مصروف رهڻ سٺو لڳندو آهي. مان واندي نه ٿي ويهي سگهان. ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هما قريشي چيو ته منهنجو سڄو ڌيان هن وقت پنهنجي پيشيوراڻين سرگرمين تي آهي، اجائي اشوز ۾ ّبلڪل الجهڻ نه ٿي چاهيان، مان سٺي اسڪرپٽ جي ڳولا ۾ رهندي آهيان. مان تامل اداڪار ميموٿي سان گڏ فلم ڪري رهي آهيان. مون کي جيڪڏهن تامل فلم جو اسڪرپٽ سٺو لڳو ته اهو ضرور ڪنديس. هن چيو ته مون وٽ ٻه ٽي پراجيڪٽ آهن، مون کي ميڪ اپ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي. منهنجي خيال ۾ هر ڇوڪري کي ميڪ اپ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي. هن چيو ته مون کي گليمرس ڪردار سٺا لڳندا آهن، مان پنهنجي شخصيت سان تجربا ڪندي رهندي آهيان، مان شروع کان چئلينجنگ ڪردار ادا ڪندي رهي آهيان، مان اهو چونديس ته هاڻ سئنيما تيزي سان بدلجي رهي آهي، هما قريشي چيو ته. مون کي منفرد ڪم ڪرڻ سٺو لڳندو آهي، جيڪڏهن هڪ جهڙو ڪم ڪرڻو هجي ته بينڪ ۾ نوڪري ڪيان ها اداڪاري نه ڪيا ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *