والد کان پڇڻ بغير فلم سائن ناهيان ڪندو: سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو دبنگ سلمان خان هڪ ڀيرو جيڪا ڪمٽمينٽ ڪندو آهي ته ٻيهر پنهنجي به ناهي ٻڌندو پر هو پنهنجي والد سليم خان جي ڪڏهن به نافرماني ناهي ڪندو. سلمان خان پنهنجي والد سليم خان جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته هو سڀني کي انڪار ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي والد جي ڪنهن به ڳالهه تي ڪڏهن به انڪار ناهي ڪندو ۽ جيڪو سندس والد چوندو آهي ان تي فوري طور تي عمل ڪندو آهي. سلمان خان چيو ته ان جي سمورن اهم معاملن جو فيصلو ان جو والد ئي وٺندو آهي ۽ ٻارن کي گهرجي ته هو والد جي ڳالهه مڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *