والد راجيش کنه شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي ۽ چار بواءِ فرينڊ رکڻ جو مشورو ڏنو: ٽوئنڪل کنه

ممبئي: (شوبز نيوز)   گذريل ڏينهن بالي ووڊ اداڪاره ۽ ليکڪه ٽوئنڪل کهنه جي 47هين سالگره جڏهن ته سندس والد راجيش کهنه جو ڄمڻ ڏينهن ملهايو ويو.ٽوئنڪل کهنه هلندڙ سال فادرز ڊي جي موقعي تي پنهنجي والد کي خراج تحسين پيش ڪيل هڪ آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته منهنجو بابا مون کي ٽينا بابا چوندو هو پر مون کي ان وقت احساس نه هو ته منهنجي پرورش ڪهڙي طرح ڀرپاسي ۾ موجود ٻين ڇوڪرين کان مختلف ٿي.ان مضمون ۾ ٽوئنڪل کهنه انڪشاف ڪيو ته جڏهن مان ڊيٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ته پنهنجي والد سان پنهنجا خيال شيئر ڪندي هئس. اداڪاره لکي ٿي ته بابا مون کي چيو ته هڪ وقت ۾ ڪڏهن به هڪ بواءِ فرينڊ نه رکجان پر هڪ وقت ۾ 4 بواءِ فرينڊ رکجان.اهڙي طرح اوهان جو دل ڪڏهن به نه ٽٽندو. ان مصمون ۾ اڳيان هلي توئنڪل کهنه پنهنجي والد سان مضبوط دوستاڻن لاڳاپن جي وصاحت ڪندي وڌيڪ لکي ٿي ته منهنجي پيءُ راجيش کهنه ئي مون کي  پهريون ڀيرو شراب پيئڻ جي آڇ ڪئي هئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *