والدين ڊپريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ مصروف نه رهڻ جي صلاح ڏني: عامر خان جي ڌيءَ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڌيءُ ارا خان انڪشاف ڪيو هو ته کيس ننڍي عمر ۾ پنهنجن ئي مائٽن جنسي هراساني جو نشانو بڻايو ۽ جڏهن سندس استحصال ڪيو ويو ان وقت کيس خبر ئي نه هئي ته ساڻس ڇا ٿي رهيو آهي. هن انتهائي ننڍي عمر ۾ ذهني پريشانين جو شڪار هجڻ جو اعتراف به ڪيو هو ۽ چيو هو ته ننڍي عمر ۾ ئي سندس والدين جي طلاق ٿي وئي هئي جڏهن ته اهڙي واقعي سندس ذهني صحت متاثر ڪئي. هاڻي ارا خان انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي والدين عامر خان ۽ رينا دتا ۽ساڻس گڏ ڊاڪٽرز ڪرن آنٽي وٽان مليل نصيحت بابت ٻڌايو. هندستان ٽائمز جي رپورٽ موجب هن چو ته مختلف ماڻهو مختلف انداز ۾ پنهنجي ڊپريشن جو اظهار ڪندا آهن جڏهن ته اها حڪمت عملي جيڪا هڪ شخص لاءِ بهتر هجي شايد ٻين لاءِ بهتر ثابت نه ٿي سگهي. ارا خان پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اوهان ڪنهن ڊپريسڊ شخص کي ڪهڙي صلاح ڏئي سگهو ٿا جڏهن اوهان حقيقت ۾ اهو نه ڄاڻيندا هجو ته سندس ڊپرِشن کيس ڪهڙي ريت متاثر ڪري رهيو آهي؟ هن چيو ته اوهان کي ڇا چوڻ گهرجي؟ اوهان کي ڇا نه چوڻ گهرجي؟ عامر خان جي ڌيءُ پاڻ کي ڏنل صلاحن جو مثال ڏيندي چيو ته کيس چيو ويو ته هو هاڪاري رهي، ورڪ آئوٽ ڪري، مصروف رهي. ارا خان چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 4 ڊاڪٽرن سان مشاور کانپوءِ کيس خبر پئي ته مصروف رهڻ اهو بلڪل ناهي جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته هن پنهنجي والدين ۽ ڪرن آنٽي سان به مشاورت ڪئي ۽ سڀني مصروف نه رهڻ هڪ شئي کان ٻي شئي تائين نه ڀڄڻ جي هدايت ڪئي. ارا خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ورڪ آئوٽ مان لطف اندوز ٿيندي هئي پر هاڻي کيس ورڪ آئوٽ مان ڊپ ٿئيٿو. هن چيو ته مان گهڻو ڪير ورڪ آئوٽ ڪندي هيس پر هاڻي ان کان به ڊپ لڳي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *