والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم مذمت جوڳا ۽ تاريخ جي سڀ کان ڪارن دورنجي بربريت کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي: شهبازشريف

لاهور (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جو بيگناهه عوام مودي جي نازي ازم جي تحت 21 ڏينهن کان گهرن ۾ قيد آهن والاريل ڪشمير تي قبضي جي تازن قدمن کان پوءِ مودي حڪومت ايڏي ڊنل آهي جو ڪشمرين جي نماز پڙهڻ تي به پابندي مڙهي ويئي والاريل ڪشمير ۾ ظلم مذمت جوڳا ۽ تاريخ جي ڪارن دورن جي بربريت کان به وڌيڪ سخت آهن هن چيو ته ڪشميرين سان وچن آهي ان تي ظلم جو سبب بڻجندڙ هڪ ڏينهن ڪٽهڙي ۾ هوندا واپاريل ڪشمير جي عوام کي ڀت سان لڳائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا بيگناهه ڪشميرين جي رتوڇاڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي برهان مظفرواني پيدا ٿيندا والاريل ڪشمير ۾ راءِ جي اظهار جي آزادي ۽ اخبارن ۽ رسالن تي پابندين ڀارتي جمهوريت کي رڳو ڍونگ ثابت ڪري ڇڏيو آهي تاريخ جو سبق آهي ته ظلم تلوار ۽ تشدد سان سچائي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ختم ٿي ويا تشدد جي باهه لڳائيندڙ ياد رکن ته اهي پاڻ به ان جو ٻارڙڻ بڻجي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *