والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺي ڳالهه آهي ڀارت هڪ طرفي قدمن سان حقيقتون تبديل نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿو هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جنهن بهتر نموني سان دنيا ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو قوم کي ان تي فخرآهي هن چيوت ه عالمي برادري هڪ طرفي ڀارتي قدمن ۽ ڪشمير جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي اجلاس سان ڀارتي دعويٰ ڪوڙي نڪتي ته ڪشمير ان جو اندروني معاملو آهي هن چيو ته ڀارت هڪطرفي قدمن سان حقيقتون نه تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي دنيا جي اکين ۾ دوڙ وجهي سگهي ٿو هن چيو ته ڀارتي ناانصافين ۽ ڪشميرين تي ظلم جو ڪيس هر فورم تي پيش ڪندا رهنداسين هن چيو ته هر فورم تي ڀارت کي ان ظلم جو آئينو ڏيکارينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *