والاريل ڪشمير جي آزاديءَ ۾ هاڻي دير ناهي، مظلوم ڪشميري اسان جي روح ۽ دل ۾ وسن ٿا: پ پ قيادت

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والاري ڪشمير جي عوام سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيدن جو خون رنگ لائيندو ڀارت جو مقدر شڪست کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ڪشمير جي تڪرار جي حل کان سواءِ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿيندو مظلوم ڪشميرين جي آزادي واري حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جاري رکنداسين اڱاري تي ڪشمير ڊي تي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري عدل ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪري مودي کي لغام ڏي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي انساني حقن جي منشور تي عملدرآمد لاءِ پابند ڪيو وڃي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل واڌي ۾ انساني حقن جي جاري خلاف ورزين کي روڪيو وڃي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير پيپلزپارٽي جي نظريي جو اهم جز آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پ پ پ قيادت جون ڪوششون تياريخي آهن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جنهن نموني ڪسميري عوام جو ڪيس عوامي فورمز تي وڙهيو ان تي پاڪستاني قوم کي ناز آهي بلاول ڀٽو زرداري چيوت ه شهيد بي بي حڪومتي سطح تي هر سال ڪشمير سان ايڪي اتحاد جو ڏينهن ملهائڻ جو اهم فيصلو ڪيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي محترمه بينظير ڀٽو ئي گهئي جنهن پارليامينٽ جي خاص ڪشمير ڪميٽي قائم ڪئي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته زرداري جي قيادت هيٺ حڪومت ڪسميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريو. ٻئي طرف   اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي آزاديءَ ۾ گهڻي دير ناهي، مظلوم ڪشميري اسان جي روح ۽ دل ۾ وسن ٿا. 5 فيبروريءَ تي يومِ ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر چيو ته والاريل ڪشمير جي ڀارتي قبضي مان آزادي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي منشور جو حصو آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو عالمي سطح تي ڪشميرين تي ٿيل ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف آواز بُلند ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي آزادي سندن بنيادي ۽ جمهوري حق آهي، گڏيل قومن جو اهو اخلاقي فرض آهي ته پنهنجي منشور تي عمل ڪرائي والاريل ڪشمير جي عوام کي آزاديءَ جو بنيادي حق ڏياري. آصف علي زرداري چيو ته عالمي منصف ۽ عالمي ميڊيا والايل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلمن خلاف آواز بلند ڪرڻ جي اخلاقي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي سطح تي سفارتي لاڳاپن کي مؤثر بڻائڻ لاءِ پارلياماني وفد جوڙي جيڪي ٻين ملڪن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سفارتي فضا کي سازگار بڻائين. هن چيو ته پ پ جون اوورسيز تنظيمون والاريل ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور آواز اُٿاري رهيون آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *