والاريل ڪشمير۾ پيپلز پارٽي جو سياسي موت ٿي چڪو آهي: پرويز رشيد

مظفر آباد(م.ڊ) وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد مظفر آباد ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪن ڪنوينشن سان خطاب ڪندي مخالفن کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.پرويز رشيد جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياسي موت ٿي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي جا پنهنجا ڪارڪن ڪفن اوڍي والاريل ڪشمير جي وزيراعظم خلاف احتجاج ڪندا رهيا. سندس چوڻ هو ته ڪوتاهين کانپوءِ به ڪڏهن حڪومت والاريل ڪشمير جي سياست ۾ مداخلت نه ڪئي،پرويز رشيد جو اهو به چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ نيلم ،جهلم پراجيڪٽ تي وڏا فنڊ لڳائڻ کانپوءِ به ان ۾ دير ٿي.وفاقي ڪشمير،گلگت بلتستان واري معاملن جي وزير چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن والاريل ڪشمير کان کٽيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *