وادي سنڌ کي پاڻي ۽ هوا جي تبديلي سان سخت خطرا موجود

ڪراچي  (اين اين آءِ) پاڪستان جي وادي سنڌ، ڀارت جي وادي گنگا، اتريون علائقو ۽ بنگلاديش جي وڌيڪ علائقن کي پاڻي ۽ هوا جي تبديلي جا خراب اثرن سان سخت خطرا درپيش آهن، ان ڳالهه جو انڪشاف سائنسي ميگزين سائنس ايڊوانس ۾ شايع ڪيل رپورٽ۾ ڪيو ويو آهي، رپورٽ ۾ سائنسدانن خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجا طور طريقا تبديل نه ڪيا ته 22هين صدي ۾ دنيا جا ڪيترائي حصا ڪنهن دوزخ کان گهٽ نه هوندا. ڏکڻ ايشيا جي انهن علائقن ۾ آبادي گنجان آهي ۽ ان ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، ماڻهن جي اڪثريت تمام خراب حالت ۾ زندگي گذاري رهي آهي، هن چيو ته ان لاءِ گرم ۽ مرطوب ٿيندي موسم جون سختيون برداشت جي قابل نه رهندي، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ پاڻي ۽ هوا جي تبديلي جي خطرناڪ اثرن جو مظاهرو ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ۾ ٿي چڪو آهي جتي گرمي جي لهر سبب وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون هيون، نئين صدي شروع ٿيڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا باقي آهن پر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نئين صدي مان نيون اميدون ۽ امڪان نه سوچيا وڃن ڇو ته نئين صدي انسان لاءِ نوان مسئلا ۽ نيون پريشانيون کڻي ايندي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نئين صدي جو سڀ کان وڏو مسئلو زمين جي گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ آهي، ماحوليات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جا ڪيترائي حصا ايترا گرم ٿي ويندا جو اتي انساني زندگي جو وجود برقرار رکڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن گرين هائوس گيسن جي خارجن ٿيڻ کي نمايا طور تي گهٽ نه ڪيو ويو ته انهن علائقن ۾ گرمي جي سطح تمام بلند ۽ ڪيترن ئي انساني زندگين جي وجود کي ڏکيو بڻائين ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *