هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي مان ڪڍڻ جي عادي حڪمرانن ملڪ کي بحرانن ۾ وجهي ڇڏيو : چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات واري مشير مولانا بخش چانڊيو اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ ڪن کان  ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏڻ جي عادت حڪمرانن ملڪ کي بحرانن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته  شهيد بينطير ڀٽو کي سڀ کان وڌيڪ اذيتون نواز شريف جي دور ۾ ڏنيون ويون، شهيد بينظير ڀٽو تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا  ۽ هن کي سموري ملڪ جي عدالتن ۾ چڪر لڳارايا هي اهو نواز شريف هيو جنهن آصف علي زرداري کي سينيٽر بڻجڻ جي باوجود سينيٽر جو حلف کڻڻ کان روڪي رکيو، ۽ آصف علي زرداري نواز شريف جي ٺاهيل ڪيسن ۾ ڊگهو عرصو جيل ڪاٽيو، هن چيو ته ججن کي ٽيلفون ڪري ڪيس کي ڊگهو ڪرايو ، پ پ خلاف سڀ کان وڌيڪ انتقامي ڪارروايون نواز شريف جي دورن ۾ ٿيون ۽ اڄ به پ پ خلاف سياسي انتقام جو سلسلو جاري آهي، ٻن اڳوڻن وزيراعظمن جو نالا ئي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *