هڪ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر گھر گھرائي بي عزتي ڪئي ھئي : نورا فتيحي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي پنهنجي ڪيريئر ۾ پيش آيل ڏکيائين بابت چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ سولو ڪم ناهي.هڪ انٽرويو ۾ نورا فتيحي جو چوڻ هو ته هوءَ فلم انڊسٽري ۾ نالو ڪمائڻ لاءِ ڪئناڊا کان انڊيا آئي هئي پر جڏهن ممبئي پهتي ته ڪنهن کي نه سڃاڻيندي هئي،  ممبئي اچڻ کانپوءِ کيس بالي ووڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي هئي.هن چيو ته جڏهن هوءَ بالي ووڊ ۾ نئين هئي ته آڊيشن ڏيڻ ويندي هئي، ان دوران هڪ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڻ لاءِ گهر گهرايو، ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر کيس گهر گهرايو ۽ بي عزتي ڪئي، ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر کيس چيو ته هتي تو جهڙا ماڻهو کوڙ آهن، فلم انڊسٽري اوهان جهڙن ماڻهن مان تمام گهڻي بيزار آهي، اسان کي اهڙا ماڻهو نٿا گهرجن.نورا وڌيڪ چيو ته ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر تمام گهڻو گوڙ ڪري رهيو هو، ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ مون روئي ڏنو هو، پوءِ پنهنجي تڏا ويڙهه ڪري ڪينيڊا واپس وڃڻ جو رٿي ورتو هو پر بعد ۾ همت نه هاريندي محنت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *