هڪ چور، ڏوهي ۽ ڀڳوڙي لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي: عمران خان

بهاوالپور: (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ بار جي پٽيشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هڪ چور، ڏوهاري ۽ ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ڀڄي ويل شخص جي لاءِ سپريم ڪورٽ بار عدالت هلي وئي. عدالت کي چئي رهيا آهن ته هن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ بار ٻئي پٽيشن داخل ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کولي ڇڏيون.بهاوالپور ۾ صحت انصاف ڪارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن سان گڏوگڏ سپريم ڪورٽ بار تي به سخت تنقيد ڪئي. وزيراعطم چيو ته سموري دنيا حيران ٿيندي ته شهباز شريف جي پٽ جي شوگرمل ۾ 10 هزار روپين تي ڪم ڪندڙ جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب روپيه ڪيئن آيا؟ جڏهن اوهان گهرائي ۾ ويندو ته اوهان کي خبر پوندي ته اسان جو ملڪ ان جڳهه تي ڇو ناهي پهچي سگهيو جتي کيس پهچڻ گهرجي ها، جيڪڏهن اوهان فيڪٽري تي ڌاڙيل ويهاريندو ته ملڪ ڪنگال ٿي ويندو. هن چيو ته نوازشريف جا ٻئي پٽ لنڊن ۾ اربين روپين جي ملڪيت تي ويٺل آهن. يورپ جو سڀني کان مهانگو شهر لنڊن آهي ۽ لنڊن جي سڀني کان مهانگي جڳهه تي هنن جا اربين روپين جا گهر آهن. ٻارن کي هنن ٻاهر اماڻي ڇڏيو آهي. 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کان پڇون ٿا ته سندس ٻارن وٽ اربين روپيه ڪيئن آيا؟ ته چوي ٿو ته ٻارن کان پڇو مون کي خبر ناهي، ٻارن کان پڇون ٿا ته اهي چون ٿا ته اسان پاڪستان جا شهري ئي نه آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقابلو ڌاڙيلن جي ٽولي سان آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن عدالت ۾ وڃي چوي ٿي ته هڪ ماڻهو جيڪو چوري ڪري ملڪ مان ڀڳو آهي، ڏوهاري آهي، ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ڀڳل آهي ان کي موقعو ڏيڻ گهرجي، هو ٻيهر ميچ کيڏي ته چوري ۾ ڪهڙو عيب آهي؟ جيڪڏهن اوهان کي ان ۾ ڪا برائي نظر نٿي اچي ته پوءِ غريبن کي جيلن ۾ ڇو بند ڪيو آهي. انهن سڀني کي به ڇڏي ڏيو. سپريم ڪورٽ بار ٻئي پٽيشن داخل ڪري ته پاڪستان ۾ جيل کولي ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مون کي فلاحي رياست نظر نٿي اچي. مون برطانيه ۾ وڃي ڏٺو ته انسانيت ڇا هوندي آهي. اتي ڊاڪٽر مريضن ۾ فرق ناهن ڪندا ته ڪير علاج ڪرائي رهيو آهي. مان سوچان ٿو ته ملڪ کي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ ڪٿان کان پئسا آڻينداسين.
وزيراعظم چيو ته جتي جتي تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي اتي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ به نٿو ملي. اسان وٽ ايترا پئسا ناهن جو پوري ملڪ ۾ اسپتال ٺاهيون. هيلٿ ڪارڊ سان ٻهراڙي وارن علائقن پرائيويٽ اسپتال ٺهندا ۽ هيلٿ ڪارڊ سان پاڪستان ۾ هيلٿ سسٽم ۾ انقلاب ايندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سبب سموري دنيا ۾ معاشي بحران آيو ۽ مهانگائي ۾ واڌ ٿي. بلومبرگ موجب پاڪستان جي معيشت تيزي سان مٿي وڃي رهي آهي. نااهل حڪومت دنيا جي ٽاپ ٿري پوزيشن تي ڪيئن آئي. هن چيو ته مان صحافين کي چوان ٿو ته تنقيد سٺي شيءَ هوندي آهي تنقيد ضرور ڪريو، پر بيلنس ڪريون، تنقيد ته سٺي شيءَ هوندي آهي. هن چيو ته سموري دنيا حيران آهي ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب روپيه ڪيئن آيا، اسان ڏکڻ پنجاب صوبي جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو ضرور پورو ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *