هڪ وک به مديني جهڙي رياست ڏانهن ناهي کنئي ويئي، بلوچستان کي ظالم سرڪار ۽ سردارن غريب رکيو آهي: سراج الحق

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته چئن مهينن ۾ حڪومت جون معاشي پاليسيون ناڪام ٿي ويون آهن حڪومت مديني جهڙي رياست لاءِ چيو ضرور پر هڪ وک به ناهي کنئي انهن چئن مهينن ۾ هڪ وک به مديني جهڙي رياست ڏانهن ناهي کنئي ويئي. نوازشريف کان پوءِ پانامه ليڪس ۾ ملوث ٻين 436 ماڻهن جو احتساب نه پيو ٿئي سراج الحق چيو ته قوم جو نيب کان مطالبو آهي ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي احتساب انهن جو به ٿئي جيڪي اپوزيشن ۾ آهن ۽ انهن جو به جيڪي حڪومت ۾ آهي امير جماعت اسلامي چيو ته آصف زرداري کان پڇا ڪئي وڃي ته وقت کان اڳ اليڪشن جو اشارو کيس کاٻي پاسي کان مليو آهي يا ساڄي پاسي کان هن چيو ته حڪومت جي معيشت جي افلاطون پاڪستاني رپئي کي ڪاغذ جو ٽڪرو بڻائي ڇڏيو هن وقت حڪومت جي خلاف اپوزيشن ۾ ڪائي اسٽيڊنگ نه آهي ۽ نه ئي حڪومت جي خلاف ڪنهن ايجيٽيشن جي ضرورت آهي سراج الحق چيو ته حڪومت چيو ته 100 ڏينهن ۾ ڊائريڪشن ملي ويئي آهي جيڪڏهن 100 ڏينهن ۾ ڊائريڪشن ملي ويئي آهي ته ڇا هزارين ايڪشن ۾ لڳندا هن چيو ته گوادر جا ماهيگير مهتاج ٿي ويا آهن کين سندس پيشي کان نيڪالي ڏني پئي وڃي سي پيڪ منصوبي کي پردي ۾ رکڻ سان شڪ پيدا ٿيندا هن چيو ته بلوچستان ۾ نيب ڪائي خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري مشرف دور ۾ 8 ارب رپين جو پاڻي جو منصوبو منظور ٿيو ان تي به ڪم نه ٿيو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ لاءِ چيو ويو پر هتان جا نوجوان اڄ به بيروزگار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *