هڪ مهيني اندر جعلي اليڪشن بابت اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي جـَي مرڪزي اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم بئريسٽر سلطان محمود تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان پاڪستان کي حڪمران ته پري جي ڳالهه پر ڊڪٽيٽر به سٺا ناهن مليا، هڪ مهيني اندر جعلي اليڪشن بابت اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا. اسلام آباد ۾ يوم ڪشمير جي موقعي تي ڪشميرين سان ايڪي  جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ پاران تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم بئريسٽر سلطان محمود تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته بئريسٽر سلطان محمود آزاد ڪشمير جي عوام جي حق ۾ بهتر فيصلو ڪيو آهي، کيس پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ تي هو ڀليڪار چوي ٿو. عمران خان چيو ته پاڪستان کي هن وقت تائين حقيقي نموني سان آزادي ناهي ملي، ملڪ کي ڪجهه ماڻهن يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي پر پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي جو ڊڪٽيٽر به صحيح ناهن مليا. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مڪاني نظام نه هئڻ آهي، سنڌ ۽ پنجاب جي ڪري خيبرپختونخواهه ۾ به مڪاني چونڊون دير جو شڪار ٿي ويون آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ وڏيون دعوائون ڪيون ته آصف علي زرداري جو سوئيس بينڪن مان پئسو واپس آڻيندو پر هو آصف زرداري سان ائين ملي ويو آهي، جيئن ڪو وڇڙيل ڀاءُ سان ملندو هجي. عمران خان چيو ته عام چونڊن ۾ سندس تڪ تي ڌاڙو هنيو ويو، 2 سال گذرڻ باوجو کيس انصاف فراهم ناهي ٿيو پر هڪ مهيني اندر جعلي اليڪشن بابت اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف غلامن جي نظام کي بچائي رهيو آهي، گو نواز گو نواز شريف نه پر هن نظام جي خلاف نعرو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته آزادي آساني سان ناهي ملندي، ان لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ بعد عوام کي سندن در تي حق ملندا. ان کان اڳ تقريب ۾ عمران خان جي موجودگي دوران تقريب ۾ اسٽيج تي وڃڻ لاءِ بدنظمي پڻ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *