هڪ ضرب عضب قبائلي علائقن ۽ ٻيو ٻين شهرن ۾ جاري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن ۽ انهن کي تحفظ ڏيندڙن جي وچ ۾ ڪو فرق نه ڪندي، معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي، دهشتگردي پاڪستان جي لاءِ ڪينسر وانگر آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. ڪالهه سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قومي منصوبي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب قبائلي علائقن ۾ جاري آهي جڏهن ته ٻي ڪارروائي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڪل دشمن جي خلاف هوندي. هن چيو ته هزاره ٽائون ڪوئيٽا ۽ پشاور چرچ جي واقعن ۾ بيگناهه ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ فرقيواريت پاڪستان لاءِ هڪ ڪينسر آهي، ملڪ کيهاڻ ان ڪينسر کان نجات ڏيارڻ جو وق اچي ويو آهي عوام کي هر ممڪن تهفظ ۽ امن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف گڏجي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ گهرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيفران جي وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جي خصوصي معاون خواجه ظهير احمد، بيريسٽر ظفرالله ۽ اٽارني جنرل شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وفاقي سرڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبر پختون خواهه حڪومت کي وڌيڪ 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرويز رشيد چيو آهي ته آءِ ڊي پيز بابت عمران خان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ڪي پي ڪي سرڪار کي وڌيڪ 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين آءِ ڊي پيز تي 30 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي پي ڪي سان مڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي. پرويز رشيد چيو ته آءِ ڊي پيز جي حوالي سان عمران خان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *