هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ايٽمي هٿيارن جي حفاظت واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي: اوباما

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو آهي ته هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ايٽمي هٿيارن جي حفاظت واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. واشنگٽن ۾ ايٽمي سلامتي بابت اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ پاڪستان سميت 50 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو ته دنيا جي 102 ملڪن ايٽمي هٿيارن جي حفاظت واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. دهشتگردن کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، اسان داعش کي خطرناڪ هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو آهي. واشنگٽن ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر باراڪ اوباما چيو ته  ايٽمي مودا جي حفاظت جي معاهدي جي ڪيترن ئي ملڪن منظوري ڏني آهي، گڏيل ڪم ڪرڻ سان ايٽمي هٿيارن جي حفاظت ۾ ڪاميابي ملي آهي ۽ دهشتگردن کي ايٽمي هٿيارن تائين پهچڻ کان روڪيو ويو. هن چيو ته اسان اهم اڳڀرايون حاصل ڪري ورتيون آهن. رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي ڪري عوام لاءِ سوچڻو پوندو ۽ دهشتگردن خلاف متحد ٿيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *