هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پاليسي جو جائزو وٺڻ لاءِ پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي: قومي اسيمبلي ميمبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ميمبرن باچاخان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي وحشياڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي تجويز پيش ڪئي ته اسان کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ لاءِ پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي گهرو وزير نيشنل ايڪشن پلان تي اسان کي اعتماد ۾ وٺي اسان کي ماضي جون غلطيون وساري پارليمينٽ کي طاقت جو سرچشمو بنائڻو پوندو هٿي خالي معصوم بارڙن کي نشانو بڻائيندڙن انسان نه آهن جڏهن ته خواجه آصف چيو ته خطي جي سمورن ملڪن ۾ بدامني آهي جيستائين خطي جا ملڪ هڪٻئي جي ملڪ ۾ مداخلت بند نه ڪندا ان وقت تائين امن قائم نه ٿيندو حملي ۾ 20 شاگرد ۽ استاد شهيد ٿيا 4 دهشتگرد مارجي ويا افغانستان ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي شروعات جلد چاهيون ٿا سياستدانن ۽ مذهبي اڳواڻن کي پنهنجن مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪ ۾ قيام امن جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻو پوندو سعودي عرب ۽ ايران ۾ لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته ڪريدٽ پاڪستان کي ملندو ۽ اسان جو تشخص بهتر ٿيندو اربع تي قومي اسيمبلي ۾ باچاخان يونيورسٽي تي دهشتگردي جي واقعي تي ڳالهائيندي خواجه محمد اصف چارسده سانحي کي افسوسناڪ ڪوٺيندي چيو ته ان تي جيترو به ڏک جو اظهار ڪيو وڃي ته بهتر آهي ميمبرن پنهنجون تجويزون ۽ دهشتگردي جي تاريخي منظر جو جيڪو اظهار ڪيو آهي ان کان ڪوئي اعتراض نٿو ڪري سگهي هن ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊر جنرل هدايت ان آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي 20 شاگرد ۽ استاد شهيد ٿيا 20 زخمي ٿيا آهن 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ان کان اڳ بحث ۾ حصو وٺندي اعجاز الحق چيو ته سڄي دنيا دهشتگردي خلاف اسان جي ڪارروائين کي تسليم ڪري ٿي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست تي آهي اسان کي هڪ دفعو بيهر پنهنجي پاليسي جو جائزو وٺڻ گهرجي اعجازالحق چيو ته چارسده يونيورسٽي جو واقعو افسوسناڪ آهي آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج قربانيون ڏنيون آهن پاڪ فوج جا 5 هزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا آهن پوءِ به اسان تي دهشتگردي جو الزام آهي جيتوڻيڪ سڄي دنيا دهشتگردي جي خلاف اسان جي ڪارروائين کي تسليم ڪري ٿي پاڪستان دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين رياست تي آهي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان واقعن جي پويان پويان وڃي رهيا اهيونا سان کي اصل صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ملڪ سڀ کان مقدس ۽ اهم هوندو آهي اسان تي الزام آهي ته سوويت فوجين جي افغانستان مان نڪرڻ کان پوءِ اسان هي ڪارروائي بند ڇو نه ڪئي اسان کي ماضي جون غلطيون وساري پارليمينٽ کي طاقت جو سرچشمو بنائڻو پوندو پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري پاليسي ٺاهڻ گهرجي اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جمالي چيو ته پهريان اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ امن بحال ڪرڻو پوندو ان کان پوءِ اسان جي عزت ٿيندي اسان جي ملڪ ۾ پهريان به ڀارتي ۽ افغانستان مان مداخلت ٿيندي رهي آهي جڏهن ته هاڻي ظاهر ظهور مداخلت ٿي رهي آهي ظفرالله خان جمالي چيو ته نئين صدي ۾ نئون نسل اچي ويو آهي پر ان کي پارليمينٽ جي طاقت جو اندازو نه آهي هن چيو ته حمود الرحمان ڪميسن جي رپورٽ اڃا تائين آڏو ناهي آندي ويئي هن چيو ته اسان مان جيڪو به ڪنهن به جماعت سان تعلق رکندڙ آهي اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي بچائڻو پوندو ۽ پنهنجي ترجيحن جو نيئن سر تعين ڪرڻو پوندو وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم صورتهال کان چڱي طرح آگاهي حاصل ڪري رهيو آهي اسان کي فوري طور تي چارسده وڃڻ جو وزيراعظم حڪم ڏنو آهي هن چيو ته اسان کي هي تاثر نه ڏيڻ گهرجي ته دهشتگرد معمول جي زندگي مفلوج بنائڻ ڪامياب ٿيا آهن ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي ڪامياب سمجهندا اسان کي معمول جو ڪم جاري رکڻ گهرجي ٽرينون هلنديون رهن ۽ جهاز اڏامندا رهن پارليمينٽ کي به ڪم جاري رکڻ گهرجي صاحبزاده طارق الله چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ لاءِ پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي هن چيو ته سڀني ساٿين جي خواهش آهي ته اجلاس جي ڪارروائي متعين ڪئي وڃي ملڪ جي جنهن حصي ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿئي ٿو اسان جو معمول بڻجي ويو آهي ته اسان صرف دعا ڪيون ٿا اسان جو صوبو هن باهه ۾ ٻري رهيو آهي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺڻ لاءِ پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي. عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته دشمن جي ايجنسي پاڪستان ۾ ڪارروائيون ڪري رهي آهي ڀارتي بچاءُ واري وزير اسان کي ڌمڪي ڏني آهي اسان کي پنهنجي حڪمت عملي تي نئين سر غور ڪرڻ گهرجي شيخ رشيد احمد چيو ته هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن تي پوري قوم متحد آهي هي اڻ اعلانيل جنگ آهي جنهن ۾ا سان کي ڪٺو ٿيڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته چارسده يونيورسٽي ۾ 3 هزار شاگرد تعليم پرائين ٿا ۽ 600 شاعر اچي رهيا هئا پر سيڪيورٽي جا ڪي خاص انتظام نه هئا هن چيو ته آمريڪي صدر بارڪ اوبامه جيڪو ڪجهه چيو ان تي ڪاوڙ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي هي هڪ ڪڙي حقيقت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *