”هڪ جوتو هڻندؤ ته سؤ توهان کي لڳندا“ فواد چوڌري جو شاهد خاقان کي جواب

اسلام آباد(م.ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي رويي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي آکاڙو بڻائڻ درست ناهي جيڪڏهن هو اهڳو ٿو چوي ته اسپيڪر آئون توهان کي جوتو هڻندس ته موٽ ۾ ٻئي پاسي کان توهان کي ايئن ته جوتو نه هڻڻ ڏيندا، توهان هڪ جوتو هڻندو ته ٻئي پاسي کان سو جوتا ايندا، تنهنڪري توهان اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو جنهن سان عام ماڻهو کي لڳي ته هي ڪهڙي پارليامينٽ آهي، هتي ڪهڙا ڪهڙا جوڪر اچي ويا آهن، ان سان پارليامينٽ جو تاثر خراب ٿئي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *