هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، نئين ڊيل ڏانهن وڃو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي سرڪار مشرف جي سزا واري فيصلي تي وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ جائزو وٺندي. فواد چوڌري چيو آهي ته هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي، نئين ڊيل ڏانهن وڃو ۽ قوم تي رحم ڪريو. سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت ۽ اُن جي قانوني ٽيم مشرف جي سزا واري عدالتي فيصلي جو جائزو وٺندي، فيصلي سان سياسي، قانوني ۽ قومي مفادن تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ بعد حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي. هُن وڌيڪ چيو ته سنگين غداري ڪيس بابت عدالتي فيصلي جو جائزو وزيراعظم عمران خان جي ڏيهه واپسي بعد ورتو ويندو. فيصلي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وقت جون گهرجون هونديون آهن، ملڪ کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي۽ اهڙن فيصلن جو ڪهڙو فائدو؟ جِن سان فاصلا وڌن ۽ قوم توڙي ادارا ورهائجي وڃن. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته هو لڳاتار چئي رهيو آهي ته نئين ڊيل ڏانهن وڃو، هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي، ملڪ تي رحم ڪريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *