هٿ ٺوڪين ۽ مفادپرسن جي جهموريت ۾ دال ناهي ڳرندي ته وزارتون وٺڻ لاءِ آمرن کي دعوت ڏيندا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مارشل لا جي خواهش رکندڙ ڀلي خواهش ڪندا رهن پر کين ڪجھ به حاصل نه ٿيندو. چند هٿ ٺوڪين ۽ مفاد پرستن جي جمهوريت ۾ دال ناهي ڳرندي ته هو آمرن کي دعوت ڏئي وزارتون وٺڻ جي سازش ۾ رڌل رهندا آهن هو آمرن جي دور ۾ مزه ماڻيندا آهن ۽ جمهوري دور ۾ سندن ساھ ٻوساٽجي ويندو آهي. عوام کي سچ تائين رسائي جو حق آهي ۽ کين سموري معلومات وقت تي ملڻ گھرجي ماضي ۾ به پيپلز پارٽي جي حڪومت کان جيڪو ٿي سگھيو ان پريس ڪلب لاءِ ڪيو ۽ اڄ به اسان ڪراچي پريس ڪلب ۽ ان جي ميمبرن سان گڏ بيٺا آهيون. هڪ مهيني جي اندر اندر ئي صحافين کي باقي رهيل ايم ڊي اي ۾ پلاٽ ڏينداسين ۽ ڪراچي پريس ڪلب کي اطلاعات کاتي پاران 10 لک روپين جي گرانٽ کان علاوه اطلاعات کاتي پاران  پريس ڪلب ۾ آڊيٽوريم ۽ هڪ جمنيزيم جي تعمير جو آغاز ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن پريس ڪلب جي نئين چونڊيل ميمبرنکي چونڊن ۾ ڪاميابي تي پريس ڪلب پهچي مبارڪ پيش ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري اي ايڇ خانزاده، نائب صدر نواب قريشي، فنانس سيڪريٽري حنيف اڪبر، سيد ڪرم علي شاھ، حنا مها گل، ڪفيل الدين فيضان، صديق چودهري، منظور چانڊيو، سجاد عباس، طارق ابوالحسن، ارباب چانڊيو، رياض ساگر کان علاوه ڊي جي انفارميشن عبدالحليم شيخ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن يوسف ڪابورو ۽ ٻيا به موجود هئا. ان کان اڳ پريس ڪلب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي مان ۾ ماڻجھاندو ڏنو ويو ۽ کيس سنڌ جي روايتي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي سيڪريٽري ايڇ اي خانزاده وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ کي ڪراچي پريس ڪلب اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته شرجيل انعام ميمڻ ماضي ۾ به ڪراچي پريس ڪلب لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي. ان موقعي تي هن ڪراچي پريس ڪلب کي وزير اعليٰ پاران اعلانيل گرانٽ سميت باقي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏياريو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءُ سڀ کان پهرين نئين چونڊيل سڀني عهديدارن کي دل جي گھرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو . هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ پاران اعلانيل گرانٽ جي حوالي سان وزير اعليٰ سان ڳالھ ڪري انهن عهديدارن جو اهو پراڻو مسئلو جلد حل ڪرائيندس جڏهن ته باقي مسئلن جي متعلق هن لاڳاپيل ادارن کي فوري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ هاڻ جمهوريت پلي رهي آهي ته ان ۾ جيترو حصو سياسي جماعتن جو آهي ته ايترو ئي حصو اسان جي صحافين جو به آهي. هن چيو ته ذميواراڻي صحافت ۽ حق ۽ سچ واري صحافت لازم ۽ ملزوم آهي. هن چيو ته اڄ عوام جي رد ڪيل ۽ چور رستي کان اسيمبلي ۾ آيل ڪجھ سياسي جماعتن جا ميمبر سنڌ ۾ مارشل لا جي خواهش ظاهر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت ملڪ يا سنڌ ۾ مارشل لا جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي ۽ نه ئي ڪنهن کي به غير قانوني يا غير آئيني قدم کڻڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته مارشل لا جي خواهش رکندڙ ڀلي مارشل لا جي خواهش رکن پر انهن کي منهن جي کائڻي پوندي ۽ سندن جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي جيڪي ٻئي اڳوڻا سنڌ جا وزير اعلٰي به رهيا آهن انهن هميشه آمرن کي هن ملڪ ۾ اچڻ ۾ مدد ڪئي آهي ته جيئن آمرن جي جھولي ۾ ويهي حڪومت جا مزه ماڻي سگھن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هو پنهنجي ان سازش کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهڙي قسم جي ماڻهن جو جمهوريت ۾ ساهه گھٽجندو آهي ڇو ته کين آمريت ۾ حڪومت ۽ وزارتن جا مزه ماڻڻ جي عادت پئجي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل فقط جهوريت ۾ آهي ها حڪومتن ۽ حڪمرانن ۾ ڪا گھٽتائي ٿي سگھي ٿي پر ان کي به جمهوري طور تي ئي دور ڪري سگھجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارتي سنڌ ۾ پنهنجي هارين ۽ ذميندارن سان گڏ بيٺي آهي اسان ڪمند جو اگھ 182 روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ملز جا مالڪ سپريم ڪورٽ ويا آهن ۽ اسان معزز عدالت کي به استعدا ڪنداسين ته هو هارين ، زميندارن ۽ پورهيتن جي حق ۾ فيصلا ڪري. 18 ترميم کان پوءِ اطلاعات کاتي بابت صوبن کي مليل اختيارن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان 18 ترميم کان پوءِ اڄ تائين ڪيترن ئي کاتن بابت صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۾ ڇڪتاڻ هلي رهيو آهي. ان ۾ هڪ اطلاعات کاتو به آهي ۽ ان بابت اسان وزير اعليٰ سنڌ سان به ڳالھ ڪئي آهي ۽ وفاق کي به خط لکيو آهي ته هي کاتو مڪمل طور تي صوبن جي حوالي ڪيو وڃي . سنڌ حڪومت پاران ڪيترا دهشتگردي جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويا جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايپيڪس جي تحت سنڌ حڪومت وفاق کي اهي سڀئي ڪيس موڪليندي ۽ ان بعد وفاق کي انهن ڪيسن کي فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جو اختيار حاصل آهي هي صوبائي اختيار ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استعيفائن جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان سلسلي ۾ آخري جواب اسپيڪر ئي ڏئي سگھي ٿو تنهن هوندي به منهنجي اطلاع موجب اسپيڪر انهن ميمبرن کي استعيفائن جي تصديق لاءِ گھرايو آهي ۽ ان کان پوءِ ڪو آخري فيصلو ٿيندو. ان موقعي تي هن ڪراچي پريس ڪلب جي باقي رهيل 140 ميمبرن کي جلد ئي پلاٽس ڏيڻ ، ڪراچي پريس ڪلب کي اطلاعات کاتي پاران 10 لک روپين جي گرانٽ ڏيڻ ۽ پريس ڪلب ۾ آڊيٽوريم ۽ جمنازيم جي تعمير جو به اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *