هٿ آيل 26 ٻارڙيون سنڀالي نه سگهندڙ ملڪ ڪئين سنڀاليندا: الطاف حسين

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته ملڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظامي يونٽ ٺهڻ ضروري بڻجي ويا آهن، جاگيردار ۽ ڪرپٽ حڪمران اهو ڪم نه ڪري سگھندا، انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو معاملو فوج حل ڪري… ڪراچي نائن زيرو تي هاڪي ٽيم جي مان ۾ ڏنل تقريب کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته جيڪي حڪمران ڪراچي مان هٿ آيل 26 ٻارڙن کي نٿا سنڀالي سگھن اهي ملڪ ڪيئن هلائيندا، ٻارڙن جو تعلق ڪنهن بهعلائقي سان هجي رابطا ڪميٽي سندن خيال رکي.. الطاف حسين چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ بهتر قدم کڻي رهيو آهي، قوم آرمي چيف جو ساٿ ڏئي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين چيو ته انتظامي يونٽ ٺاهڻ وارو معاملو جاگيردار ۽ ڪرپٽ حڪمران حل نٿا ڪري سگھن، فوج ئي معاملو حل ڪري سگھي ٿي، آرمي چيف جڏهن به اجلاس گھرائي ملڪ ۾ نون اتنظامي يونٽن تي صلاح مشورو ڪري. الطاف حسين چيو ته هڪ وٺي قومي راند هاڪي کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي، ڪرڪيٽ لاءِ اربين روپين جا فنڊ جاري ڪيا پيا وڃن پر هاڪي جي رانديگرن لاءِ پگھارون به حڪومت تي بار ٿيون بڻجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *