هٿيارن جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ جو زمانو ويو، هاڻي جمهوريت جو دور آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي حڪومتي دور ۾ سڀني کان گهٽ ڪرپشن هئي، هن يچو ته هٿيارن جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ جو زمانو ويو، هاڻي جمهوريت جو دور آهي، جمعيت علماءِ اسلام عوام جي آزادي جي علمبردار جماعت آهي، اسان جي جماعت نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي، هن چيو ته ملڪ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر قوم جو گزارو پرڏيهي قرض تي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙو نظام آڻڻو پوندو، جنهن سان قوم پنهنجي سرمائي جي پاڻ مالڪ هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *