هٿرادو بجلي لوڊشيڊنگ ۽ صارفين ڏانهن واڌو بلز موڪلڻ واري رپورٽ جاري ٿيڻ بعد نيپرا ۽ حڪومت ۾ تڪرار تيز پاڻي ۽ بجلي وزاري وزارت غلط بلنگ، ميٽرن جي خرابي ۽ لوڊشيڊنگ بابت رپورٽ تي نيپرا کان انگ اکر گهري ورتا

اسلام آباد (بيورو) هٿرادو بجلي لوڊشيڊنگ ۽ صارفين ڏانهن واڌو بلز موڪلڻ واري رپورٽ جاري ٿيڻ بعد نيپرا ۽ حڪومت ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، نيپرا کان اها ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي، جنهن جي بنياد تي 70 سيڪڙو ميٽرڪ خراب هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. نيپرا پاران صارفين ڏانهن 70 سيڪڙو واڌ بل موڪلڻ بابت رپورٽ جاري ڪرڻ بعد پاڻي ۽ بجلي واري وزارت نيپرا ڏانهن خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سستي ۽ مهانگي بجلي جي يونٽس جو تعين ڪندڙ ٽي او يو ميٽرز بلڪل صحيح نموني سان ڪم ڪري رهيا آهن، نيپرا ڪهڙن بنيادن تي ٽو او يو ميٽرز کي خراب يا پراڻو قرار ڏنو هو.  خط ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا ٽائيم آف يوز ميٽرز جا فصيل فراهم ڪرڻ سان گڏ اها ڊيٽا به فراهم  ڪري، جنهن جي بنياد تي بجلي جا ميٽر خراب هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، نيپرا کان ميٽرڪ چيڪ ڪندڙ ٽيم ۽ ان تجربي توڙي مهارت جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت چيو آهي ته نيپرا ٻڌائي ته ٽي او يو ميٽرز جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ ڪهڙي سمپل سائيز ٺاهي وئي هئي ۽ ڪهڙن علائقن ۾ ميٽر چيڪ ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته نيپرا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ هٿرادو ڪئي پئي وڃي، نئون ميٽر سسٽم خراب هئڻ سبب صارفين ڏانهن 70 سيڪڙو واڌو بل موڪليا ويندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *